حبل الله

حبل الله: حبل الله جي معنيٰ ’الله جي رسي‘ آهي. قرآن مجيد ۾ دين کي ’الله جي رسيءَ‘ سان مشابهت ڏني وئي آهي، ڇو ته هي اهو رشتو آهي، جيڪو هڪ طرف ايمان وارن جو الله سان تعلق قائم ڪري ٿو ۽ ٻئي طرف انهن کي پاڻ ۾ ملائي هڪ جماعت ٺاهڻ تي آماده ڪري ٿو. قرآن مجيد ۾ الله تعاليٰ ارشاد فرمائي ٿو ته: “سڀ گڏجي الله جي رسيءَ کي مضبوطيءَ سان پڪڙيو ۽ فرقن ۾ نه ورهائجو.


لفظ حبل اللهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو